Tabriz ۾ آمريڪا ۽ Israel طرفان حملي جون خبرون سامهون آيون آهن، جنهن ۾ هڪ اهم پيٽروڪيميڪل پلانٽ کي نشانو بڻايو ويو۔ايراني سرڪاري ميڊيا موجب حملي ۾ پلانٽ جي هڪ يونٽ کي نقصان پهتو، جنهن بعد علائقي ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي۔ ريسڪيو ٽيمون فوري طور هنڌ تي پهچي ويون ۽ حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن۔اختيارين موجب حملي باوجود ڪنهن به زهريلي مادّي جي خارج ٿيڻ جي اطلاع ناهي ملي، جنهن سبب وڏي ماحولياتي نقصان جو خطرو ٽري ويو آهي۔ٻئي طرف ايراني صدر Masoud Pezeshkian چيو آهي ته آمريڪي عوام “اسرائيل فرسٽ” پاليسي کان ناراض آهي۔ هن X تي بيان ۾ چيو ته “نو ڪنگز” احتجاج انهن پاليسين خلاف عوامي ردعمل آهي۔هن وڌيڪ چيو ته Donald Trump کي پنهنجي ملڪ جي عوام جي حقيقي صورتحال کي سمجهڻ گهرجي۔ان کان اڳ Mohammad Bagher Ghalibaf به انهن مظاهرن تي ردعمل ڏئي چڪا آهن۔
