اهور ايئرپورٽ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي وزيرآباد مان اغوا ٿيل 13 ورهين جي ڇوڪري مناهل کي محفوظ طريقي سان بازياب ڪرائي ورتو۔
تفصيل موجب ڇوڪري لاهور ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ مان روئندي حالت ۾ ملي، جتان ايئرپورٽ چوڪي پوليس کيس پنهنجي تحويل ۾ ورتو۔
ايس پي ڪينٽ اختر نواز موجب ڇوڪري کي سندس سڳو خالو وزيرآباد مان اغوا ڪري ڪراچي وٺي ويو هو۔ ان واقعي جو ڪيس اڳ ئي ٿاڻو احمد نگر، وزيرآباد ۾ ڇوڪري جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو۔
پوليس جاچ دوران معلوم ٿيو ته جوابدار ڇوڪري کي ڪراچي مان نجي اڏام ذريعي لاهور آندو ۽ ايئرپورٽ تي ڇڏي فرار ٿي ويو۔
پوليس قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد ڇوڪري کي سندس والدين حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن تي وارثن پوليس جو شڪريو ادا ڪيو۔
وڌيڪ جاچ لاءِ ڪيس لاڳاپيل پوليس (وزيرآباد) حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن جوابدار کي گرفتار ڪري سگهجي۔
