سندھ حکومت شروع ڪري رهي آهي “اي وي پنڪ ٽيڪسي” صرف عورتن لاءِ

ڪراچي: سنڌ جي حڪومت عورتن لاءِ هڪ ٻي وڏي خوشخبري ڏئي ڇڏي آهي، جتي شرجیل انعام میمن وڏي اعلان ڪندي ٻڌايو ته عورتن لاءِ “پنڪ بس” ۽ “پنڪ اسڪٽي” کان پوءِ هاڻي اي وي پنڪ ٽيڪسي شروع ڪئي پئي وڃي۔صوبائي وزير موجب، هي ٽيڪسي سروس رڳو عورتن لاءِ هوندي، ڊرائيور پڻ عورتون ئي هونديون، ۽ سنڌ حڪومت انهن کي مفت ڊرائيونگ لائسنس ۽ ٽريننگ پڻ فراهم ڪري رهي آهي۔ اي وي پنڪ ٽيڪسي سان هزارين عورتن کي روزگار جا موقعا ملندا.شرجیل ميمن چيو ته سنڌ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اڳڀرو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ مفت اسڪٽر ڏيڻ سان صرف 150 عورتن وٽ ڊرائيونگ لائسنس هو، جڏهن ته هاڻي 20 هزار کان وڌيڪ عورتن لائسنس لاءِ درخواست ڏني آهي۔محڪمه ٽرانسپورٽ پاران پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس شروع ڪئي وئي ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس پڻ متعارف ڪرايل آهي، جنهن ۾ ڊرائيور ۽ ڪانڊڪٽر به عورتون آهن. دنيا جا ڪيترائي ملڪ هن پيش رفت کي ساراهيو آهي.صوبائي وزير زور ڏنو ته وزیراعليٰ جي قيادت هيٺ سڀ ميگا پروجيڪٽس تي ڪم جاري آهي ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ جا موقعا پڻ وڌايا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو