آءِ ايم ايف حڪومت کي پيٽرول تي عام سبسڊي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) — عالمي مالياتي فنڊ حڪومتِ پاڪستان کي پيٽرول تي عام سبسڊي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته سبسڊي صرف مخصوص غريب طبقي تائين محدود رکي وڃي۔

ذريعن موجب عالمي اداري جو موقف آهي ته پيٽروليم شين تي ڊگهي عرصي تائين سبسڊي جاري رکڻ سان ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا۔ اداري تجويز ڏني آهي ته پيٽرول سستو ڪرڻ بدران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏني ويندڙ مالي امداد ۾ 5 هزار رپين جو اضافو ڪيو وڃي۔

اطلاعن مطابق جنوري 2027ع کان بي آءِ ايس پي جي مستحقن کي 19 هزار 500 رپيا فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته وفاقي حڪومت فنڊز ۽ وظيفي ۾ واڌ جي يقين دهاني ڪرائي آهي۔

ٻئي طرف حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهين کانپوءِ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو عارضي طور ملتوي ڪري ڇڏيو آهي۔ حڪومت جو چوڻ آهي ته سڌي نقد امداد ذريعي غريب طبقي کي مهانگائي کان بهتر تحفظ ڏئي سگهجي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو