اسلام آباد: صدر عارف علوي خط جو جواب نه ڏين تي اليڪشن ڪميشن تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چونڊن تي صلاح مشوري لاءِ چيف اليڪشن ڪميشنر کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو آهي.خط ۾ صدر طرفان اليڪشن ڪميشن جي بي حسي تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته اڃا تائين پهرين خط جو جواب ناهي آيو، مان انتظار ڪري رهيو آهيان ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجن آئيني فرضن جو احساس ٿيندو ۽ ان پٽاندڙ ڪم ڪندي.صدر علوي پاران چيف اليڪشن ڪميشنر کي 20 فيبروري تي چونڊن بابت صلاح مشوري جي دعوت ڏني وئي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن لکيل خط ۾ ۾ ڄاڻايو يو آهي ته صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان چيف اليڪشن ڪمشنر سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪندو.
