ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگي جيٽ فيول جي قيمتن سبب قومي ايئرلائن پي آءِ اي اهم فيصلو ڪندي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڏنل رعایتي سهولتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پي آءِ اي شاگردن، سينيئر سٽيزنز، صحافين، رٽائرڊ فوجي اهلڪارن ۽ اي ايس ايف اهلڪارن کي ملندڙ ڊسڪائونٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايئرلائن انتظاميا سڀني ايئرپورٽن تي عملي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ترجمان پي آءِ اي فيصلي جي تصديق ڪندي چيو ته ايئرلائن طرفان هر قسم جون رعایتي سهولتون عارضي طور تي ختم ڪيون ويون آهن، جيڪي ايندھن جي قيمتن ۾ معمول اچڻ تائين لاڳو رهنديون.
ترجمان موجب مهانگي جيٽ فيول سبب پي آءِ اي کي خرچن ۾ سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن ڪري مختلف شعبن جي ماڻهن کي ملندڙ سڀ ڊسڪائونٽ ختم ڪيا ويا آهن.
