اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ باوجود ريلوي ڀاڙن ۾ اضافي بابت اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان ريلوي جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري سڌارن ۽ مستقبل جي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
وفاقي وزير ريلوي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خليجي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ عوامي سهولت خاطر ملڪ ڀر ۾ هلندڙ سڀني ٽرينن جي ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو نه ڪيو ويندو.
ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته موجوده معاشي حالتن ۾ عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ ريلوي نظام کي بهتر بڻائي آمدني ۾ اضافو آندو وڃي.
شهباز شريف پاڪستان ريلوي کي جديد، محفوظ ۽ ڀروسي لائق سفري نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن زور ڀريو ته جاري منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ۽ عوام کي بهتر، محفوظ ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
