غزه ۾ بي گهر فلسطينيَن کي پناهه ڏيندڙ هڪ اسڪول جي ويجهو اسرائيلي هوائي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن۔
پرڏيهي ميڊيا موجب طبي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي کان اڳ فلسطينيَن ۽ اسرائيل جي حمايت يافته هڪ هٿياربند گروهه وچ ۾ جهيڙا ٿيا۔ مقامي ماڻهن موجب هن گروهه اسڪول تي حملو ڪري ڪجهه ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
رپورٽن موجب مرڪزي غزه پٽي ۾ المغازي پناهگير ڪيمپ جي اوڀر طرف اسرائيل طرفان هوائي حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا۔
عيني شاهدن ٻڌايو ته اسرائيل جي حمايت يافته مليشيا پهريان علائقي ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن تي مقامي ماڻهن پنهنجن گهرن جي بچاءَ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ اسرائيلي فوج سڌي طرح کين نشانو بڻايو۔
غزه جي صحت واري وزارت موجب جنگبندي کان پوءِ اسرائيلي ڪارروائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 700 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسرائيل جو چوڻ آهي ته ساڳئي عرصي دوران ان جا چار فوجي مارجي ويا آهن۔
