ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان، عام واهپي وارين شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ هفتيوار مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي اڻاسي سيڪڙو اضافي کانپوءِ 38.42 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي.شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ هفتي دوران 34 عام واهپي واريون شين جي اگهن ۾واڌ ۽ پنجن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 12 جا اگهه برقرار رهيا.شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران گيهه جي قيمتن ۾ 44 رپيا ۽ جيئري ڪڪڙ جي اگهن ۾ 31 رپيا 11 پئسا في ڪلو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيلا في ڊزن 12 رپيا مهانگا ٿيا.شماريات کاتي موجب چانور 4 رپيا 50 پئسا، ماش جي دال 8 رپيا 26 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.390 گرام خشڪ کير جي قيمت ۾ 11 رپيا 40 پئسا اضافو ٿيو، ڏهي 2 رپيا 85 پئسا في ڪلو، کي ر 95 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو، جڏهن ته ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 46 رپيا 98 پئسا مهانگو ٿيو.شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ٻاڪرو گوشت 12 رپيا 14 پئسا، وڏو گوشت 5 رپيا 13 پئسا مهانگو ٿيو، ان کان سواءِ مڱن جي دال، کنڊ، ڳڙ ۽ پٽاٽن جا اگهه وڌيا آهن.شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽا 7 رپيا 68 پئسا، بصر 30 رپيا في ڪلو، آنا 12 رپيا 30 پئسا سستا ٿيا، هفتي دوران ٿوم ۽ اٽي جي اگهن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.