ايران-آمريڪا ڳالهيون: اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، سرچ آپريشن تيز

اسلام آباد: ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم ڳالهين جي پيش نظر وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن۔تفصيل موجب پوليس، رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس ادارن تي ٻڌل گڏيل سيڪيورٽي فريم ورڪ لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مشڪوڪ ماڻهن خلاف وڏي پيماني تي سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن جاري آهن۔اسلام آباد جي علائقن سبزي منڊي، فيض آباد، ترنول، شهزاد ٽائون ۽ ڪراچي ڪمپني جي ڀرپاسي ۾ گهر گهر تلاشي ورتي وئي آهي۔ٻئي طرف راولپنڊي ريجن جي علائقن ٽيڪسلا، مري، جهلم ۽ اٽڪ ۾ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان وڏا آپريشن ڪيا ويا آهن۔حڪام موجب نور خان ايئر بيس ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ اهم ٽرانزٽ پوائنٽن تي سخت نگراني جاري آهي۔وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حساس هنڌن ۽ رهائشي علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن عالمي وفدن جي آمد دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو