پي ٽي اي خبردار: ختم ٿيل شناختي ڪارڊ تي رجسٽرڊ سمون بلاڪ ٿي سگهن ٿيون

اسلام آباد: Pakistan Telecommunication uthority (پي ٽي اي) موبائل صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجا قومي شناختي ڪارڊ فوري طور تي اپڊيٽ ڪرائن، نه ته سندن سم ڪارڊز بلاڪ ٿي سگهن ٿا۔تفصيل موجب پي ٽي اي ملڪ ۾ محفوظ ۽ شفاف ٽيليڪام نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ هي قدم کنيو آهي۔ جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي صارفين جيڪي ختم ٿيل شناختي ڪارڊ تي سم استعمال ڪري رهيا آهن يا جن جون سمون ڪنهن ٻئي جي نالي تي رجسٽرڊ آهن، انهن جون سمون ڪنهن به وقت بند ٿي سگهن ٿيون۔پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو سم بلاڪ ٿيڻ بعد اهو نمبر ٻيهر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو۔ان کان علاوه، فوت ٿيل ماڻهن جي نالي تي موجود سم ڪارڊز کي به فوري طور بند ڪيو وڃي سگهي ٿو۔شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو National Database and Registration Authority (نادرا) کان پنهنجا شناختي ڪارڊ تجديد ڪرائن ۽ سمون پنهنجي فعال ڪارڊن تي منتقل ڪرائن ته جيئن ڪنهن به پريشاني کان بچي سگهجي۔پي ٽي اي اختيارين موجب هي قدم صارفين جي تحفظ ۽ محفوظ مواصلاتي نظام لاءِ کنيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو