ويزا آن ارائيول جي سهولت، سيڪيورٽي جا سخت انتظام

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ عالمي ايونٽ اسلام آباد ٽاڪس 2026 لاءِ حڪومت خاص انتظامن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي مهمانن کي ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪئي ويندي۔ ان سلسلي ۾ سڀني ايئر لائنز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي شرڪت ڪندڙن جي بورڊنگ ۾ مڪمل سهڪار ڪن۔سفري سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايئرپورٽن تي خاص فيسيليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪيا ويندا، جيڪي 24 ڪلاڪ فعال رهندا ۽ مهمانن جي رهنمائي ڪندا۔ هي نوٽيفڪيشن سيڪريٽري آفيسر (ويزا) آغا حاشر محمود خان جي صحي سان جاري ڪيو ويو آهي۔ٻئي طرف، اسلام آباد ٽاڪس 2026 جي ڪامياب ۽ پرامن انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي گادي واري هنڌ تي سخت سيڪيورٽي انتظام به ڪيا ويا آهن ته جيئن شرڪت ڪندڙن کي مڪمل تحفظ ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو