حيدرآباد: وومينز ايڪشن فورم حيدرآباد پاران عورت آزادي مارچ جي موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ منٺار شورو ڳوٺ ۽ ڪولھي ڳوٺ جو وزٽ ڪيو ويو. وفد پاران گھر گھر وڃي عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي مارچ جي اھميت متعلق پڻ آگاھي ڏني ويئي.جڏهن ته عورتن تي ٿيندڙ تشدد لاءِ ٿيندڙ قانون سازي ۽ عورتن جي مدد ڪندڙ ادارن تائين رسائي بابت پڻ ڄاڻ ڏني ويئي.هوڏانهن عورتن پنھنجي علائقي ۾ اسڪول جي نه ھجڻ جي شڪايت ڪئي ۽ اھو پڻ ٻڌايو ته سلائي سينٽر جو بورڊ لڳايو ويو آھي پر سينٽر کوليو نه پيو وڃي.عورتن ٻنين تي ڪم ڪرڻ جي گھٽ اجرت ملڻ جي شڪايت به ڪئي ۽ اھو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته عورتن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران سھولتون ڏنيون وڃن.عورتن جو چوڻ هو ته ڪولھي ڳوٺ ۾ 100 کان مٿي گھر ھجڻ جي باوجود اتي اسڪول موجود نه آھن.وومينز ايڪشن فورم جي وفد سان گڏ پرهه ترقياتي تنظيم مان، بشيران سولنگي پڻ شرڪت ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت، نجمه پنھور ۽ روزينه جوڻيجو به شامل ھيون.
