ٽرمپ جي صحافين تي سخت تنقيد، ايران جي جوهري معاملي تي بيان

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ ۽ جوهري معاملي تي ڳالهائيندي آمريڪي صحافين تي سخت تنقيد ڪئي آهي۔پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته ٽڪر ڪارلسن، ميگين ڪيلي، ڪينڊيس اوونز ۽ اليڪس جونز ساڻس ڇو اختلاف ڪن ٿا۔ هن چيو ته اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته دهشتگردي ۾ نمبر ون ايران وٽ جوهري هٿيار هجڻ ٺيڪ آهي۔هن صحافين تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه گڏيل آهي ته انهن جو آءِ ڪيو گهٽ آهي ۽ اهي غير سنجيده آهن۔ ٽرمپ موجب انهن صحافين کي ٽي وي تان هٽايو ويو آهي ۽ هاڻي کين پروگرامن ۾ به نه سڏيو ويندو آهي۔آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو سستي شهرت لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي انهن وٽ صرف گهٽ درجي جا پوڊ ڪاسٽ بچيا آهن۔ٽرمپ صحافي ٽڪر ڪارلسن بابت چيو ته هن کي ڪنهن سٺي نفسيات جي ماهر سان ملڻ گهرجي، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته کيس تنقيد جي پرواهه ناهي پر هو رڳو پنهنجي ملڪ جي مفاد ۽ ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو