اسلام آباد: ويب ڊيسڪ پاڪستان ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اهم اعليٰ سطحي ڳالهين جو آغاز متوقع آهي، جتي ٻنهي ملڪن جا اعليٰ وفد اسلام آباد پهچي چڪا آهن۔
آمريڪي نائب صدر جِي ڊي وينس پنهنجي وفد سان گڏ اسلام آباد پهچي ويو آهي، جنهن ۾ جيرڊ ڪشنر ۽ اسٽييو وِٽڪوف به شامل آهن۔ انهن جو استقبال فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪيو۔
ٻئي طرف ايراني وفد، جنهن جي قيادت اسپيڪر باقر قالیباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪري رهيا آهن، پڻ اسلام آباد پهچي چڪو آهي۔ ايراني وفد جو به پاڪستاني اعليٰ قيادت طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو۔
آمريڪي نائب صدر جِي ڊي وينس ڳالهين کان اڳ اميد ظاهر ڪندي چيو ته آمريڪا مثبت ۽ کليل دل سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر جيڪڏهن ايران سنجيدگي نه ڏيکاري ته سخت موقف اختيار ڪيو ويندو۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هي ڳالهيون خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اهم موقعو آهن۔ هن چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ آبنائي هرمز جلد مڪمل طور کوليو ويندو۔
ٻئي طرف ايراني اسپيڪر باقر قالیباف چيو ته ايران اميد سان ڳالهين ۾ شامل آهي ۽ جيڪڏهن آمريڪا ايران جا حق تسليم ڪري ٿو ته معاهدو ممڪن آهي۔
