ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تڪرار دوران ايراني ڪرنسي ريال جي قدر ۾ اهم اضافو ڏٺو پيو وڃي، جنهن جا اثر پاڪستان ۾ به نظر اچي رهيا آهن۔
گوگل مطابق 15 اپريل جي صبح هڪ ڪروڙ ايراني ريال لڳ ڀڳ 2120.32 پاڪستاني رپين جي برابر آهي۔ جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ اها ئي رقم 6 هزار کان 9 هزار رپين تائين وڪرو ٿي رهي آهي۔ماهرن موجب هي واڌ گهڻو ڪري قياس آرائين تي ٻڌل خريداري سبب ٿي رهي آهي، جتي سيڙپڪار جلدي منافعي جي اميد ۾ ريال خريد ڪري رهيا آهن۔ 500 سيڪڙو منافعي جون افواهون به طلب ۾ اضافي جو سبب بڻيون آهن۔ٻئي پاسي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري سفارتي ڳالهيون به مارڪيٽ تي اثرانداز ٿي رهيون آهن۔ واپارين کي اميد آهي ته ڪنهن به معاهدي جي صورت ۾ ايران تي پابنديون نرم ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان ڪرنسي وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔ياد رهي ته جنگ کان اڳ پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪروڙ ايراني ريال لڳ ڀڳ 2 هزار کان 2500 رپين تائين ٽريڊ ٿيندو هو۔
