شهر ۾ منڪي پاڪس جو هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جتي متاثر خاندان ۾ مڙس کانپوءِ هاڻي زال ۾ به وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي۔
محڪمہ صحت موجب ملير جو 42 ورهين جو شخص اڳ ئي علاج بعد صحتياب ٿي گهر منتقل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هاڻي ان جي 41 ورهين جي زال ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ تي کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي۔
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت کي مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته خوش آئند ڳالهه اها آهي ته متاثر خاندان جي ٻارن ۾ منڪي پاڪس جون ڪا به علامتون ظاهر ناهن ٿيون۔
رپورٽن مطابق هلندڙ سال ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جي ڪيسن جو انگ 4 تائين پهچي ويو آهي۔ وائرس جي امڪاني پکيڙ کي نظر ۾ رکندي محڪمہ صحت سنڌ سڄي صوبي ۾ احتياطي قدم وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن۔
