ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جي ڊرگ ٽيسٽنگ معيار تي اعتماد جو اظهار ڪندي عالمي اداري صحت سينٽرل ڊرگ ٽيسٽنگ ليب ڪراچي جي معيار کي تسليم ڪري ورتو آهي۔
تفصيل موجب اها صحت جي شعبي ۾ پاڪستان لاءِ هڪ اهم عالمي اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي۔ ذريعن موجب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان کي موڪليل خط ۾ سي ڊي ايل ڪراچي جي پري ڪواليفڪيشن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي۔
خط ۾ چيو ويو آهي ته سي ڊي ايل جا ٽيسٽنگ معيار عالمي اداري صحت جي اصولن مطابق آهن، جڏهن ته ڊريپ طرفان ڪيل سڌارن کي پڻ تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي۔
ذريعن موجب عالمي اداري صحت جي ٽيم جنوري ۾ ليب جو تفصيلي معائنو ڪيو هو، جنهن بعد ڏنل سفارشن تي عمل ڪيو ويو۔
ماهرن موجب هن اڳڀرائي سان فارما ايڪسپورٽس ۾ واڌ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي ساک بهتر ٿيڻ جي اميد آهي۔
