پاڪستان فتح ٽو ميزائل سسٽم جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان آءِ ايس پي آر موجب فتح-II ميزائل سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي۔
بيان موجب فتح ٽو ميزائل مقامي طور تي تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو جديد ايويانڪس ۽ جديد ترين نيويگيشنل نظام سان ليس آهي۔
آءِ ايس پي آر موجب تربيتي مشق جو مقصد فوجي دستن جي پيشه ورانه تربيت، مختلف ٽيڪنيڪي پهلوئن جي توثيق ۽ ميزائل جي ذيلي نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو، ته جيئن درستگي ۽ بقا جي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔
بيان موجب ان موقعي تي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، آرمي راڪٽ فورس ڪمانڊ ۽ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏ سائنسدانن ۽ انجنيئرن به تجربي جو مشاهدو ڪيو۔
فورم فتح سيريز جي مقامي طور تي تيار ڪيل ميزائل جي ڪامياب تربيتي تجربي کي ساراهيو، جڏهن ته صدر پاڪستان، وزيراعظم ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن به ان ۾ شامل سمورن ماڻهن جي فني مهارت، لگن ۽ ڪردار جي تعريف ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو