گوجرانوالا جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ ڏوهاري عنصرن وچ ۾ ٽي مبينا مقابلا ٿيا، جن ۾ 2 جوابدار مارجي ويا جڏهن ته 3 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي۔ پوليس موجب پهريون واقعو ٿاڻو لڌي والا وڙائچ جي حدن ۾ پيش آيو، جتي جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ ياسر ۽ مصطفيٰ مارجي ويا۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ياسر پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو جڏهن ته مصطفيٰ اجرتي قاتل هو۔ٻيو مقابلو ٿاڻو سول لائن واري علائقي ۾ ٿيو، جتي رڪارڊ يافته جوابدار صديق کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس 5 ساٿي فرار ٿي ويا۔ ٽيون مقابلو ٿاڻو ڪوٽوالي جي حدن ۾ ٿيو، جتي خرم شهزاد ۽ حمزه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو۔ پوليس جوابدارن وٽان غير قانوني هٿيار ۽ 50 هزار رپيا نقد رقم هٿ ڪري فرار جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي۔
