آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ٻن مهينن کان جاري تڪرار عالمي معيشت تي وڏو اثر وڌو آهي، جنهن جو وڏو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ آهي۔ ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ وڏيون تبديليون متوقع آهن۔رپورٽن موجب گڏيل عرب امارات جي تازي فيصلي کانپوءِ خام تيل جي قيمت 50 ڊالر في بيرل تائين گهٽجي سگهي ٿي۔ ياد رهي ته هن تڪرار کان اڳ برينٽ ڪروڊ جي قيمت لڳ ڀڳ 70 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا هاڻي وڌي 100 ڊالر کان مٿي پهچي وئي آهي۔ٻئي پاسي يو اي اي پاران اوپيڪ کان الڳ ٿيڻ جو عنديو عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ وڏي تبديلي طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن جا اثر ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون ايندا۔
