اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ ڀر ۾ 5 لک گهر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
تفصيل موجب “اپنا گهر اسڪيم” جو باضابطه آغاز اسلام آباد ۾ ٿيو، جتي وزيراعظم افتتاحي تقريب دوران ڪامياب درخواست ڏيندڙن ۾ چيڪ به ورهايا۔
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته رياست يا ڪنهن به حڪومت لاءِ عام ماڻهو کي ڇت فراهم ڪرڻ انتهائي اهم آهي، ۽ پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجي گهر کان محروم آهن، تنهن ڪري حڪومت جي ترجيح هر شهري کي رهائش فراهم ڪرڻ آهي۔
وزيراعظم موجب پهرين سال 50 هزار گهرن لاءِ 321 ارب رپيا فنانسنگ مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايندڙ چئن سالن ۾ 5 لک گهر مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي۔
هن چيو ته اسڪيم جو اطلاق وفاقي گادي واري شهر سميت سڀني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هوندو، جڏهن ته قرض حاصل ڪرڻ جو عمل به آسان بڻايو ويو آهي۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو پاڻ مهيني بنيادن تي اسڪيم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو، ۽ حڪومت ۽ نجي شعبي جي گڏيل تعاون سان هن منصوبي کي ڪامياب بڻايو ويندو۔
هن اهو به چيو ته تعميراتي شعبو معيشت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم آهي، ۽ حڪومت برآمد ڪندڙن جي به حوصلا افزائي ڪري رهي آهي۔
