سکھر (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکھر ۾ ليبر اسڪوائر ڪالوني جي فليٽن تي قبضا، غير قانوني الاٽمينٽ ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي۔
تفصيل موجب سماعت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکھر بينچ جي جسٽس امجد علي بوهيـو ۽ جسٽس علي حيدر دريشاني تي مشتمل آئيني بينچ آڏو ٿي۔
درخواستگذار شهزاد مغل ۽ ٻين پاران داخل درخواستن ۾ چيو ويو ته عدالتي حڪمن باوجود ضلعي انتظاميه فليٽن تان قبضو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ غير قانوني الاٽمينٽ ختم نه ٿي سگهي آهي۔
وڪيل واجد علي شيخ دليل ڏيندي چيو ته فليٽس فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ هئا، پر ڪيترائي فليٽ غير لاڳاپيل ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا آهن۔
درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته ڪالوني ۾ پاڻي، صفائي، نيڪاسي، گئس ۽ بجلي جهڙيون بنيادي سهولتون اڃا تائين فراهم نه ڪيون ويون آهن۔
سماعت دوران ڊپٽي ڪمشنر سکھر جي غير حاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکھر پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري۔
عدالت پيش رفت رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي سماعت 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔
