عالمي ڏينهن مزدور: شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ سڄي دنيا ۾ محنت ڪشن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

شڪاگو جي مزدور شهيدن جي ياد ۾ اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عالمي ڏينهن مزدور ملهايو پيو وڃي۔ هڪ مئي 1886ع تي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ پنهنجن حقن لاءِ جانين جون قربانيون ڏيندڙ مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي۔ملڪ ڀر ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جڏهن ته سيمينار ۽ جلسا پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن۔ انهن تقريبن ۾ مقررن شڪاگو جي محنت ڪشن جي قربانين کي ياد ڪندي مزدورن جي حقن جي تحفظ جو عزم ورجايو۔واضح رهي ته هڪ مئي 1886ع تي شڪاگو جي مزدورن سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي استحصال خلاف احتجاج ڪيو هو، پر پوليس جي فائرنگ سبب ڪيترائي مزدور شهيد ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڦاسي ڏني وئي

پنھنجي راءِ لکو