ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ شامل ٽيڪسن، ڊيوٽيز ۽ مارجن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ ڪل 129 رپيا 72 پيسا مختلف ٽيڪس ۽ چارجز شامل آهن۔
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 32 سيڪڙو حصو ٽيڪسن جو آهي، جنهن ۾ 103 رپيا 50 پيسا پيٽروليم ليوي ۽ 23 رپيا 72 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي شامل آهن۔ ان کان علاوه في ليٽر 7 رپيا 32 پيسا فريٽ چارجز ۽ 7 رپيا 87 پيسا او ايم سي مارجن پڻ شامل آهي۔
ٻئي پاسي ڊيزل جي قيمت ۾ ٽيڪسن جو تناسب 21 سيڪڙو آهي، جنهن تحت في ليٽر 82 رپيا 81 پيسا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز وصول ڪيا پيا وڃن۔ ڊيزل تي 51 رپيا 62 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 28 رپيا 69 پيسا ليوي لاڳو آهي، جڏهن ته 17 رپيا 14 پيسا فريٽ، 7 رپيا 87 پيسا او ايم سي ۽ 8 رپيا 64 پيسا ڊيلرز مارجن پڻ شامل آهن۔
هاءِ اوڪٽين (ايڇ او بي سي) بابت انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال سامهون آئي آهي، جتي ليوي جي شرح 305 رپيا 37 پيسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي۔ وڌيڪ اهو به آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ ايڇ او بي سي تي 2 رپيا 50 پيسا في ليٽر “ڪلايميٽ سپورٽ ليوي” پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي۔
مٽي جي تيل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل تي ٽيڪسن جو تناسب صرف 6 سيڪڙو آهي، جنهن تحت مٽي جي تيل تي 20 رپيا 36 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل تي 15 رپيا 84 پيسا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي۔
