ڪراچي (ويب ڊيسڪ): شهر قائد جي علائقي ڪورنگي روڊ ڀرسان نامعلوم ماڻهن هڪ نوجوان تي تيزاب اڇلايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو۔
پوليس اختيارين موجب متاثر نوجوان هڪ نجي ڪمپني لاءِ موبائل سمون وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو۔ واقعي وقت موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم جوابدارن مٿس تيزاب اڇلايو ۽ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا۔
زخمي نوجوان کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي۔
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن سميت ٻين ثبوتن جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا جاري آهي ته جيئن حملي جا سبب معلوم ڪري سگهجن۔
