لاهور (ويب ڊيسڪ): صوبي جي گادي واري شهر لاهور جي علائقي مزنگ ۾ هڪ فليٽ اندر فائرنگ جو هولناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ پراپرٽي ڊيلر مبينا طور هڪ عورت ۽ سندس ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي۔
پوليس موجب جوابدار شاهد جٽ فليٽ اندر فائرنگ ڪري عورت عائشہ، 14 ورهين جي مصفيرا ۽ 12 ورهين جي منيب کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن پاڻ کي به گولي هڻي زندگي ختم ڪري ڇڏي۔
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ دوران ٻه ٻارڙيون سمرا ۽ مناهل به زخمي ٿيون، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري آهي۔
واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فرانزڪ ٽيمن ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن۔
پوليس اختيارين موجب واقعي جا سبب هن وقت تائين واضح نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته هر رخ کان جاچ جاري آهي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن۔
