لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پنجاب انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪندي 21 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔
ترجمان موجب ڪارروايون لاهور، شيخوپوره، گوجرانواله، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيون ويون، جتي مجموعي طور 214 آپريشن ڪيا ويا۔
حڪام موجب اهم ڪاميابيون لاهور ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان مليون، جتي ڪارروائي دوران ‘فتنه الخوارج’ سان لاڳاپيل خطرناڪ دهشتگرد پير شمس بارودي مواد سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي سان واسطو رکندڙ دهشتگرد عبداللطيف کي به ڌماڪيدار مواد سميت پڪڙيو ويو۔
ٻين گرفتار جوابدارن ۾ مصباح، سميع الله، گلاب خان، زارين شاهه ۽ ضياءُ الرحمان شامل آهن۔ پوليس موجب جوابدارن وٽان آءِ اي ڊي بم، 17 ڊيٽونيٽر، سيفٽي فيوز وائر، بارودي مواد، ممنوعه لٽريچر ۽ نقدي برآمد ڪئي وئي آهي۔
ابتدائي جاچ موجب گرفتار دهشتگرد مختلف شهرن ۾ حساس هنڌن کي نشانو بڻائي خوف ۽ هراس پکيڙڻ جو منصوبو ٺاهيو هو۔
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته بروقت ڪارروائي سان وڏي تباهي کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا۔
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران پنجاب ڀر ۾ 5040 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 587 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي۔
