اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): حڪومتي ذريعن موجب پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 246 روپيه 31 پئسا هجڻ باوجود مختلف ٽيڪسن ۽ مارجنز شامل ٿيڻ بعد اها قيمت وڌي شهرين لاءِ تقريبن 399 روپيه 86 پئسا في ليٽر تائين پهچي وڃي ٿي۔
تفصيل موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 23 روپيه 72 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 7 روپيه 32 پئسا ان لينڊ فريٽ مارجن شامل آهن۔ ان کان علاوه آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن 7 روپيه 87 پئسا ۽ پمپ ڊيلرز جي ڪميشن 8 روپيه 64 پئسا پڻ شامل ڪئي وڃي ٿي۔
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 103 روپيه 50 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 روپيه 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به شامل آهن، جنهن سبب اصل قيمت ۽ عوام تائين پهچندڙ قيمت ۾ وڏو فرق پيدا ٿئي ٿو۔
حڪومتي انگن اکرن مطابق هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 153 روپيه 55 پئسا ٽيڪسن، مارجنز ۽ منافعي جي مد ۾ وصول ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي اهو مقدار 116 روپيه 46 پئسا آهي۔
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 283 روپيه 12 پئسا آهي، جيڪا ٽيڪسن ۽ ٻين چارجز کان پوءِ وڌي 399 روپيه 58 پئسا في ليٽر تائين مقرر ڪئي وئي آهي۔
ماهرن موجب پيٽروليم شين تي وڌندڙ ٽيڪسن سبب عام شهرين تي مالي بار وڌي رهيو آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ روزمره جي استعمال واري شين جون قيمتون به متاثر ٿي رهيون آهن۔
