اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون اپيلون ٻڌڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔
تفصيل موجب عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي مُک اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ 8 مئي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي۔ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن مُک اپيلون مقرر ٿي ويون آهن ته سزا معطلي جون درخواستون غير مؤثر ٿي ويون آهن۔
ٻئي طرف بشريٰ بي بي تائين ذاتي ڊاڪٽر جي پهچ ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات بابت درخواست تي عدالت سپرنٽنڊنٽ اڊياله جيل کي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻن ڏينهن اندر بشريٰ بي بي جي ڌيءَ جي درخواست تي فيصلو ڪري۔
عدالت حڪم ڏنو آهي ته سپرنٽنڊنٽ اڊياله جيل سببن سان گڏ لکت ۾ آرڊر جاري ڪري، جڏهن ته 6 مئي تي کيس ذاتي حيثيت ۾ به طلب ڪيو ويو آهي۔
ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت آڏو درخواست جي ڪاپي پيش ڪندي ٻڌايو ته جيل اختيارين کي درخواست ڪوريئر ذريعي ۽ ذاتي طور به جمع ڪرائي وئي آهي۔ عدالت اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ درخواست تي فيصلو ڪيو وڃي۔
وڪيل موجب 16 ۽ 17 اپريل جي وچ واري رات بشريٰ بي بي جي سرجري پڻ ٿي هئي، جنهن تي عدالت چيو ته معاملو جيل اختيارين ڏانهن موڪليو پيو وڃي ته جيئن اهي ان بابت فيصلو ڪن۔
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي۔
