اين ڊي ايم اي جي خبرداري: 2026 ۾ گرمي جون لهرون، ٻيلن ۾ باهه ۽ تيز برساتن جو خطرو

اسلام آباد: نیشنل ڈیزاسٹر مینجمنٹ اتھارٹی جي چيئرمين لیفٹیننٹ جنرل انعام حیدر خبردار ڪيو آهي ته سال 2026 دوران پاڪستان کي سخت گرمي، ٻيلن ۾ باهه ۽ موسلاڌار مون سون برساتن جهڙن خطرناڪ موسمي حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔

اسلام آباد ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر ۾ بريفنگ دوران هن چيو ته موسمي خطرن جي سڃاڻپ ۽ تيارين جو جائزو ورتو ويو آهي، ۽ آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ بروقت قدم ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي۔

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اتر وارن علائقن ۾ سخت گرمي سبب گليشيئرن جي پگھلڻ جي رفتار وڌڻ جو خطرو آهي، جيڪو ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو۔

اين ڊي ايم اي موجب هن سال گرمي جي لهرن سان گڏ تيز برساتن ۽ ٻيلن ۾ باهه جي واقعن ۾ به اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي۔

چيئرمين چيو ته دنيا هن وقت موسمیاتی تبدیلی جي اثرن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ زمين جو گرمي پد تيزي سان وڌي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن۔

اجلاس ۾ “ڊيزاسٽر الرٽ” سسٽم تي به بريفنگ ڏني وئي، جنهن ذريعي عوام کي اڳواٽ خبردار ڪيو وڃي ٿو، ۽ غير تصديق ٿيل خبرن کان بچڻ ۽ ذميوار رپورٽنگ تي زور ڏنو ويو۔

اين ڊي ايم اي واضح ڪيو ته وڌندڙ گرمي ۽ موسمي شدت کي نظر ۾ رکندي سڀني ادارن کي ايمرجنسي تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي۔

پنھنجي راءِ لکو