يحيٰ آفريدي سپريم جوڊيشل ڪونسل جو اهم اجلاس ايندڙ خميس 14 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي۔
رپورٽن موجب اجلاس دوران ججز خلاف ٻڌڻي هيٺ موجود شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو۔ ذريعن مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻن 6 ججز طرفان لکيل خط تي به غور ڪيو ويندو۔
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ٽرانسفر بابت جوڊيشل ڪميشن جي گذريل اجلاس کان اڳ اهم اڳڀرائي سامهون آئي هئي، جنهن تحت جسٽس بابر ستار چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي درخواست ڪئي هئي ته آئين جي آرٽيڪل 200 تحت ججز جي ٽرانسفر واري معاملي تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ کيس ذاتي طور ٻڌو وڃي۔
ذريعن موجب جسٽس بابر ستار پنهنجي خط ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ٽرانسفر بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سندس موقف ٻڌڻ ضروري آهي۔
ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ججز جي ٽرانسفر بابت اجلاس گهرائڻ جي مخالفت ڪئي هئي، پر سرفراز ڊوگر طرفان 5 ميمبرن جي ريڪوزيشن تي سپريم جوڊيشل ڪونسل جو گذريل اجلاس طلب ڪيو ويو هو۔
