سينيٽ ڪميٽي ۾ انڪشاف، ٻن سالن دوران دوائن جون قيمتون 100 سيڪڙو تائين وڌيون

: سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ صحت جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گذريل ٻن سالن دوران مختلف دوائن جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي۔
اجلاس دوران ڪميٽي ميمبرن ملڪ ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪئي۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2024 ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ دوائن جي قيمتن کي ڊي ريگوليٽ ڪيو ويو، جنهن بعد ڪمپنين کي قيمتون پاڻ مقرر ڪرڻ جي اجازت ملي وئي۔
اختيارين موجب قانون تحت ڊريپ صرف حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن کي ريگوليٽ ڪري سگهي ٿي۔ جڏهن ته وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي يا واڌ ۾ صحت واري وزارت جو ڪو به ڪردار ناهي۔
ڪميٽي ڊريپ جي سربراهه کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو فارمولو طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته شماريات کاتي جي اختيارين کي به ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي۔
ڪميٽي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ فارماسيوٽيڪل ڪاروبار تمام گهڻو منافعي وارو بڻجي چڪو آهي ۽ ڪمپنين کي کلي ڇوٽ ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي۔ ميمبرن موجب موجود قانون تي نظرثاني جي ضرورت آهي۔
ڊريپ جي سربراهه ڊاڪٽر عبيدالله بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 659 دوائون تيار ڪندڙ ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته 394 ادارا ٻاهرين ملڪن کان دوائون ۽ ويڪسين درآمد ڪن ٿا۔ هن ٻڌايو ته پاڪستاني دوائون 51 ملڪن ڏانهن برآمد ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته گذريل سال ملڪ جي فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي سيل هڪ کرب 32 ڪروڙ رپيا رهي۔

پنھنجي راءِ لکو