ڪراچي (ويب ڊيسڪ): شهر قائد جي علائقي سچل ۾ موجود هڪ فارم هائوس تي هٿياربندن جي حملي ۽ ڦر واري واقعي ۾ متاثر شهري عبدالرحمان سچل پوليس تي غلط ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي۔متاثر شهري موجب 15 کان وڌيڪ هٿياربند جوابدار فارم هائوس تي حملو ڪري 5 لک رپيا نقدي ۽ قيمتي سامان ڦري ويا۔ عبدالرحمان جو چوڻ آهي ته جوابدار فارم هائوس تي قبضي جي نيت سان آيا هئا ۽ انهن سان گڏ پوليس موبائل پڻ موجود هئي، پر پوليس داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر ناهي ڪيو۔ايف آءِ آر جي متن موجب هٿياربند جوابدار دروازو ٽوڙي زبردستي فارم هائوس اندر داخل ٿيا ۽ گارڊن، سپروائيزر ۽ سندس گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو۔ جوابدارن اسٽاف جي اکين تي پٽيون ٻڌي کين گاڏي ۾ ويهاري مختلف علائقن ۾ گهمائيندا رهيا، بعد ۾ ڌمڪيون ڏئي ڇڏيو ۽ فرار ٿيندي هوائي فائرنگ پڻ ڪئي۔وليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته متاثر شهري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه جوابدار فارم هائوس تي قبضو ڪري ويٺا هئا ۽ واردات دوران پنهنجي موبائل فون سان تصويرون پڻ ٺاهيندا رهيا۔عبدالرحمان موجب جڏهن هن ون فائيو تي ڪال ڪري پوليس سان گڏ فارم هائوس پهتو ته جوابدار فرار ٿي ويا، پر ڀاڄ دوران هڪ موبائل فون واقعي واري هنڌ تي رهجي ويو، جنهن مان جوابدارن جون تصويرون پڻ سامهون اچي ويون آهن۔ليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ سڀني شاهدن ۽ ثبوتن جو جائزو ورتو پيو وڃي۔
