ڪراچي (ويب ڊيسڪ): Federal Investigation Agency اميگريشن سي پورٽ تي ڪارروائي ڪندي هڪ غير ملڪي آئل ٽينڪر ۾ وڏي بي ضابطگي ظاهر ڪري ڇڏي۔ايف آءِ اي ترجمان موجب آئل ٽينڪر MT Asana ۾ سوار هڪ غير ملڪي عملي جو ميمبر ايڪسپائرڊ سفري دستاويزن سان سفر ڪري رهيو هو۔ شامي شهري ايڪسپائرڊ سي مين بُڪ تي سفر ڪندي پڪڙيو ويو، جڏهن ته وٽس فليگ اسٽيٽ جا ضروري دستاويز به موجود نه هئا۔ترجمان موجب ايف آءِ اي جي سخت چيڪنگ دوران بين الاقوامي ميري ٽائيم قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي سامهون آئي۔ پڇا ڳاڇا دوران غير ملڪي عملي جي ميمبر اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي سي مين بُڪ جي تجديد نه ڪرائي هئي۔واقعي بعد جهاز جي ماسٽر کي فوري طور طلب ڪيو ويو، جڏهن ته شپنگ ڪمپني تي 5 لک رپين جو جرمانو لاڳو ڪيو ويو۔ جرماني جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ معاملي بابت سموري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي۔ايف آءِ اي ترجمان چيو ته قومي سلامتي ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته مشڪوڪ غير ملڪي عملي ۽ جعلي يا نامڪمل دستاويزن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل جاري آهي۔ترجمان موجب شپنگ ڪمپني کي باضابطه نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي پورٽ تي نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي۔ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته سامونڊي رستن ذريعي ٿيندڙ هر خلاف ورزي تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي۔
