آن لائن بينڪ فراڊ ڪيس: وفاقي آئيني عدالت متاثرہ شهري جي حق ۾ فيصلو، بينڪ جي اپيل رد

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت ۾ آن لائن بينڪ فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق بينڪنگ سيڪيورٽي نظام تي سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هيڪرز اڪثر بينڪن جي سسٽم اندر ئي موجود هوندا آهن ۽ ڊيٽا پهريان ئي ليڪ ٿي وڃي ٿي۔تفصيل موجب جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت متاثر شهري جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي نجي بينڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ رقم فوري واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق بينڪنگ سيڪيورٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته “ماڻهو آخر ڪٿي وڃن؟ اڪائونٽ مان پئسا ڪيئن غائب ٿي وڃن ٿا؟”هن پنهنجي ذاتي تجربي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته کيس به هڪ نجي بينڪ طرفان او ٽي پي گهري وڃڻ ۽ اڪائونٽ بند ڪرڻ جي ڌمڪي واري فراڊ ڪال آئي هئي۔ سندس چوڻ هو ته سندس اڪائونٽ سالن کان غير فعال هو، ان ڪري هن ان کي بند ڪرڻ جو چيو۔ڪيس موجب ليه جي رهواسي شهري جي اڪائونٽ مان 2022 ۾ 15 لک 34 هزار رپيا غائب ڪيا ويا هئا۔ بينڪ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽرانزيڪشن شهري جي پنهنجي ايپ ذريعي ٿي، پر شهري جو چوڻ هو ته سندس موبائل نمبر چوري ڪيو ويو هو۔عدالتي رڪارڊ موجب بينڪنگ محتسب، صدرِ مملڪت ۽ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي شهري جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪا هئا، جنهن کي وفاقي آئيني عدالت به برقرار رکندي بينڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي۔

پنھنجي راءِ لکو