خيبرپختونخوا ۾ شديد برساتن جو الرٽ، فليش فلڊ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو

پشاور: خيبرپختونخوا ۾ برسات جو طاقتور سسٽم داخل ٿيڻ وارو آهي، جنهن سبب مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن، تيز هوائن ۽ ممڪن خطرناڪ صورتحال جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي مغربي هوائن جي نئين سلسلي جي داخل ٿيڻ تي شديد موسمي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ موسميات کاتي موجب هي سلسلو اڄ کان صوبي جي مختلف علائقن کي متاثر ڪندو۔الرٽ مطابق بالائي علائقن ۾ تيز برساتن سبب فليش فلڊ (اچانڪ ٻوڏ جا ريلاءَ) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته سوات، چترال، دير ۽ ڪوھستان جهڙن علائقن ۾ گليشيائي ڍنڍون ڦاٽڻ جو به خدشو آهي۔پي ڊي ايم اي سمورين ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته هنگامي صورتحال لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن، حساس علائقن جي نگراني وڌائي وڃي ۽ الرٽ نظام کي فعال رکيو وڃي۔شهرين ۽ سياحن کي صلاح ڏني وئي آهي ته غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ ندي نالن جي ويجهو وڃڻ کان احتياط ڪن۔ان کان اڳ اين ڊي ايم اي پڻ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات، ژالہ باري ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري ڪيو هو۔رپورٽ موجب اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، پشاور، سوات، چترال، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ سخت گرمي جي لهر جاري رهڻ جي توقع آهي۔

پنھنجي راءِ لکو