ڪنڌرا ڀرسان پيش آيل فائرنگ واري واقعي ۾ پوليس اهلڪار گل محمد تنيو جي شهادت ۽ اي ايس آءِ بخت الله تنيو جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
ڪنڌرا ٿاڻي تي طالب حسين سولنگي جي فرياد تي چار اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي۔ ايف آءِ آر موجب پوليس پارٽي معمول موجب گشت تي موجود هئي جڏهن هٿياربندن ڏوھ جي ارادي سان فائرنگ شروع ڪري ڏني۔
فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار گل محمد تنيو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته اي ايس آءِ بخت الله تنيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو۔
ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار شهيد اهلڪار جي سرڪاري ايس ايم جي رائفل، ٻه ميگزين ۽ لڳ ڀڳ 200 گوليون کڻي فرار ٿي ويا۔
پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
