پنجاب حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت مختلف سرگرمين تي پابنديون لاڳو ڪيون وينديون۔ پنجاب جي گهرو کاتي ان حوالي سان باقاعده حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 جو نفاذ 27 مئي کان ٿيندو ۽ اهي پابنديون 2 جون تائين جاري رهنديون۔ حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي قدم عوامي تحفظ، امن امان ۽ ماحول جي بهتري لاءِ کنيا پيا وڃن۔
حڪومتي حڪمن تحت عوامي هنڌن تي قرباني جي جانورن جا سِري پايا ساڙڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته جانورن جون آلائشون، فضلو ۽ اوجهڙي مين هولن، نالين يا واهن ۾ اڇلائڻ جي به اجازت نه هوندي۔
ان کان علاوه دريائن، ڍنڍن، واهن ۽ ڊيمن ۾ وهنجڻ ۽ ترڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ صرف منظور ٿيل مال منڊين ۾ ئي قرباني جي جانورن جي خريد ۽ وڪري جي اجازت هوندي، جڏهن ته غيرقانوني هنڌن تي مال منڊيون لڳائڻ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔
گهرو کاتي موجب ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم کي قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ صرف پنجاب چيريٽي ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ادارا ئي کلون گڏ ڪري سگهندا۔
نوٽيفڪيشن ۾ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قلم 144 تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عيدالاضحيٰ دوران امن امان جي صورتحال برقرار رهي۔
