سوشل ميڊيا جي ڊجيٽل لت: خاندانن، سماج ۽ قانون لاءِ وڌندڙ خطرو

نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ محسن سجاد اتراء چيو آهي ته سوشل ميڊيا، خاص طور تي ٽڪ ٽاڪ جو غير ذميواراڻو استعمال سماجي، خانداني ۽ قانوني مسئلن ۾ خطرناڪ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي. سندس چوڻ موجب عدالتن ۾ اهڙن ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي، جتي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيوز، تصويرون ۽ غير محتاط سرگرميون خاندانن جي تباهي، بليڪ ميلنگ ۽ سائبر ڏوهن جو ڪارڻ بڻجن ٿيون.هن چيو ته پاڪستان جي سائبر ڪرائمز ايڪٽ (PECA) تحت ڪنهن جي تصويرن يا وڊيوز جو غلط استعمال، هراساني، سائبر اسٽاڪنگ ۽ بليڪ ميلنگ سنگين ڏوهه آهن، جن لاءِ سخت سزائون مقرر آهن.

پنھنجي راءِ لکو