اسلام آباد (اي ڊي اين نيوز):
وفاقي سيڪريٽريٽ جي بنيادي پگهار اسڪيل (بي پي ايس) 18 کان 22 تائين جي اعليٰ عهدن مان 60.17 سيڪڙو تي پنجاب جو قبضو آهي، جنهن جو انڪشاف اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران سينيٽ جي ذيلي ڪميٽيءَ کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. اختيارين پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب وفاقي نوڪرين ۾ سمورن صوبن جي آئيني حقن بابت اصل صورتحال سامهون اچي وئي آهي.
تفصيلن موجب سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ذيلي ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران وفاقي ادارن ۾ ملازمن جي ڪوٽا ۽ برابريءَ جي اصولن جي ڀڃڪڙي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽي ميمبرن واضح ڪيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا سميت ننڍن صوبن کي سندن آئيني حصو نه ملڻ ڪري مايوسي وڌي رهي آهي، جنهن جي ازالي لاءِ فوري طور تي اصلاحي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
ذيلي ڪميٽيءَ جي ميمبرن زور ڏنو ته وفاقي نوڪرين ۽ قدرتي وسيلن ۾ سمورن صوبن جي آئيني حصي تي منصفاڻو عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هن غير برابري واري صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ۽ آئيني ڪوٽا تحت مقرريون عمل ۾ آنديون وڃن ته جيئن صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ احساسِ محروميءَ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي.