اسلام آباد (اي ڊي اين نيوز):
قطر جي وزيراعظم سان آمريڪي پرڏيهي وزير جي هڪ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي امن ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال تي پڻ گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
مليل تفصيلن موجب، هن اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ قطري قيادت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالمي سطح تي درپيش چئلينجن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ويو.