سائبر سيفٽي گائيڊ

NCCIA Launches Cyber Safety Guide for Senior Citizens

اسلام آباد (اي ڊي اين نيوز): نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) پاران بزرگ شهرين کي آن لائن فراڊ، جعلي فون ڪالن، شڪي لنڪس ۽ ذاتي معلومات جي غلط استعمال کان بچائڻ لاءِ هڪ خاص سائبر سيفٽي گائيڊ جاري ڪئي وئي آهي. هيءَ اهم قدم بزرگ شهرين کي ڊجيٽل خدمتون وڌيڪ محفوظ طريقي سان استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جنهن جو مقصد کين عام سائبر خطرن کي سڃاڻڻ سيکارڻ آهي.

مليل تفصيلن موجب، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بزرگ شهرين کي آن لائن ڌوڪو ڏيڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جن کي نظر ۾ رکندي NCCIA پاران هي قدم پڻ کنيو ويو آهي. نئين گائيڊ ذريعي بزرگن کي آگاهه ڪيو پيو وڃي ته اهي ڪيئن پنهنجي ذاتي معلومات کي محفوظ رکي سگهن ٿا ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي صورت ۾ فوري طور تي لاڳاپيل ادارن سان ڪيئن رابطو ڪن.

ايجنسي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين گائيڊ جو مقصد بزرگ شهرين کي ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ رکڻ ۽ کين سائبر ڪرائيم جي شڪار ٿيڻ کان بچائڻ آهي. هن قدم سان بزرگ شهرري بغير ڪنهن خوف جي انٽرنيٽ ۽ ڊ��يٽل سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، جنهن لاءِ تربيتي مهم پڻ هلائي ويندي.