ٿرپارڪر امدادي پئڪيج

سنڌ حڪومت پاران ٿر ۽ عمرڪوਟ جي ڏڪار متاثرن لاءِ امدادي پئڪيج منظور

ڪراچي (اي ڊي اين نيوز): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڏڪار متاثرن لاءِ 5 ارب 30 ڪروڙ رپين جي امدادي پئڪيج تي ترت عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت علائقي جي هر مستحق خاندان کي مجموعي طور 8 هزار رپيا ٽن قسطن ۾ فراهم ڪيا ويندا.

مليل تفصيلن موجب وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڏڪار کان متاثر ماڻهن جي فوري واهر جو فيصلو ڪيو ويو. حڪومتي ترجمان پاران واضح ڪيو ويو آهي ته امدادي پئڪيج جي شفاف ورها المستحق خاندانن ۾ يقيني بنائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

صوبائي حڪومت جو چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ سنڌ جو عوام اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ متاثر علائقن ۾ راشن توڙي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي پڻ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪئي پئي وڃي، جنهن سان عوام کي وڏي رليف ملڻ جو امڪان آهي.