بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز ٻيڻا ٿي ويا، اويس لغاري جو اعتراف

: وفاقي وزير توانائي اويس لغاري اعتراف ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ شامل فڪسڊ چارجز اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا ٿي ويا آهن.

اي آر وائي نيوز جي پروگرام ”خبر“ ۾ ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته اڳ فڪسڊ چارجز بجلي جي بل جو 3 کان 4 سيڪڙو هوندا هئا، جڏهن ته هاڻي اهي وڌي 10 سيڪڙو تائين پهچي ويا آهن.هن وضاحت ڪئي ته بجلي جي فڪسڊ لاڳت سڄو سال ساڳي رهندي آهي. جن مهينن ۾ صارف وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندا آهن، انهن لاءِ فڪسڊ لاڳت جو اثر گهٽ محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ته گهٽ استعمال وارن مهينن ۾ اها لاڳت وڌيڪ نظر ايندي آهي.وفاقي وزير موجب 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽڊ صارفين جي انرجي لاڳت ۾ 31 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ يونٽ استعمال ڪرڻ سان فڪسڊ چارجز جو تناسب گهٽجي ويندو آهي، پر مجموعي طور فڪسڊ لاڳت اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٿي چڪي آهي.اويس لغاري دعويٰ ڪئي ته گهريلو صارفين لاءِ بجلي جا اگهه گهٽايا ويا آهن ۽ جيڪڏهن سرڪاري سبسڊي جاري رهي ته بجلي وڌيڪ 5 کان 6 رپيا في يونٽ سستي ٿي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته جولاءِ 2025 کان هينئر تائين ملڪ ۾ بجلي جي استعمال ۾ 8 کان 9 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته گذريل 9 کان 10 مهينن دوران مجموعي بجلي واپرائڻ ۾ به 7 کان 9 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو