پائن جي ڏاکڻي ٻيٽ منڊانائو ۾ 7.8 شدت جو طاقتور زلزلو اچڻ کان پوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف علائقن مان جاني ۽ مالي نقصان جون خبرون پڻ سامهون آيون آهن.ڏيهي ميڊيا موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح لڳ ڀڳ 7:37 وڳي آيو، جنهن جو مرڪز منڊانائو جي ويجهو سمنڊ ۾ هو. زلزلي سبب ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو ۽ ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي.
فلپائني اختيارين ساحلي علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي فوري طور محفوظ هنڌن ۽ اوچن علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. سونامي وارننگ مرڪزن موجب ڪجهه سامونڊي ڪنارن تي هڪ کان ٽي ميٽر اوچيون لهرون اچڻ جو امڪان آهي.نڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي ڪجهه ساحلي علائقن لاءِ به سونامي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اختيارين صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن.شروعاتي اطلاعن موجب زلزلي سبب فوتگين ۽ زخمين جا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته نقصانن جو مڪمل جائزو وٺڻ جو عمل جاري آهي.