قومي صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ توسيع پروگرام براءِ حفاظتي ٽيڪن (EPI) اندر مبينا انتظامي بي ضابطي سامهون آئي آهي، جتي هڪ جونيئر آفيسر کي سينيئر ترين عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب گريڊ 19 جي پوسٽ تي گريڊ 17 جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ارم نويد کي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل FDI مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔ڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر ارم نويد جو تبادلو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (PIMS) کان ڊيپيوٽيشن تي FDI ڏانهن ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مقرري دوران لازمي شرطن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب ان عهدي لاءِ اميدوار وٽ ويڪسين مئنيجمينٽ، MPH يا ايپيڊيميالاجي ۾ اعليٰ تعليم لازمي آهي، جڏهن ته ايمونائيزيشن پروگرام مئنيجمينٽ ۽ ويڪسين پاليسي سازي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 سالن جو تجربو پڻ شرط آهي۔
