آمريڪا ۽ ايران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون، جنگ بندي تي اتفاق

آمريڪا ۽ ايران جي صدرن ’’اسلام آباد مفاهمتي يادداشت‘‘ تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن معاهدي ڏانهن اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.Donald Trump وارسائي ۾ هڪ عشائيي دوران معاهدي تي صحيح ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي Emmanuel Macron پڻ موجود هو. وائيٽ هائوس معاهدي تي صحيح جي وڊيو به جاري ڪئي آهي.ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ميڊيا Masoud Pezeshkian جون مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪندي تصويرون جاري ڪيون. صدر ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هن ايران سان ڊيل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل ’’اسلام آباد مفاهمتي يادداشت‘‘ جو متن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 14 نقطن تي ٻڌل آهي. آمريڪي عملدارن ميڊيا نمائندن آڏو يادداشت جون تفصيلون پڙهي ٻڌايون.يادداشت موجب پهريون ۽ سڀ کان اهم نقطو فوري ۽ مستقل جنگ بندي آهي، جنهن کي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي۔