قومي اسيمبلي جي لاڳاپيل ڪميٽي جي اجلاس دوران اليڪٽرڪ گاڏين تي لاڳو ٿيندڙ ٽيڪسن ۽ حڪومتي پاليسي بابت ميمبرن مختلف خدشن ۽ سوالن جو اظهار ڪيو.
اجلاس ۾ ميمبر شاہدہ اختر ايف بي آر اختيارين کان پڇيو ته اليڪٽرڪ گاڏين سان گڏ چارجنگ اسٽيشنن جي قيام بابت حڪومت جي پاليسي ڇا آهي. هن چيو ته جڏهن تائين ملڪ ۾ مناسب تعداد ۾ چارجنگ اسٽيشن موجود نه هوندا، تڏهن تائين اليڪٽرڪ گاڏين جو استعمال ڪيئن وڌي سگهندو، خاص طور تي جڏهن ملڪ ۾ بجلي جي صورتحال به چيلينجن سان ڀريل آهي.ڪميٽي جي ميمبر شرمیلا فاروقی چيو ته حڪومت کي اليڪٽرڪ گاڏين بابت واضح پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت انهن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي ته پوءِ اضافي رڪاوٽون پيدا نه ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته لگژري اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ الڳ درجابندي پڻ تجويز ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي بلال اظہر کیانی چيو ته لگژري اليڪٽرڪ گاڏين تي به روايتي گاڏين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لاڳو آهي.ڪميٽي جي ميمبر حنا ربانی کھر چيو ته اليڪٽرڪ گاڏيون اڳ ئي عام اندروني انجڻ واري گاڏين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگيون آهن، تنهن ڪري انهن تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ مناسب پاليسي نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين تي 30 سيڪڙو ڊيوٽي موجود نه هئي ۽ آٽو موبائيل شعبي ۾ تيزي سان نيون ٽيڪنالاجيون متعارف ٿي رهيون آهن.
