ڪراچي: نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جي بريت خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي.هلندڙ سال 23 جنوري تي ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ ان وقت جي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو. ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.جوابدارن جي بريت خلاف درخواست نقيب الله جي ڀاءُ شير عالم طرفان داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جي انت واري عدالت جوابدارن کي بري ڪري پڪين شاهدين کي نظر انداز ڪيو آهي ان لاءِ ڏنل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.